سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته عمران خان جي ايجنڊا رڳو پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ آهي، هڪ سياسي جماعت خود عرضي ۽ انا پرستي جو شڪار آهي، پنهنجا ٻار لنڊن ۾ پاليندڙ ٻين جي ٻارن کان پاڪستاني ادارن ۽فوج تي حملا ڪرائي رهيو آهي.
گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته ٻن ڏينهن کان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏايو پيو وڃي، ڇا اڳ ۾ ڪنهن اڳواڻ کي گرفتار نه ڪيو ويو هو، هڪ ڪيس هلي رهيو هو جنهن ۾ نيب کيس گرفتار ڪيو ته پوءِ وڏي ڳالهه ڪهڙي هئي؟
گورنر جو چوڻ هو ته گرفتاري نيب ڪئي ته ته ردعمل پاڪ فوج ڏانهن ڇو هو، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو، فوج ۽ گاڏين تي پٿراءُ ڪندڙ ڇا پاڪستاني هئا؟، هو پاڪ فوج کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن صبر کان ڪم وٺندي سازش کي ناڪام بڻايو.
هن چيو ته هڪ سياسي جماعت خود غرضي ۽ انا پرستي جو شڪار آهي، گرفتاري کانپوءِ عمران خان جو خاندان ڪٿي به نظر نه آيو، گرفتاري کانپوءِ عمران خان جي گهر واري ڪٿي هئي؟.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سالن کانپوءِ مليل بسن کي به ساڙيو ويو، عمران خان کي پنهنجي انا مان نڪرڻ گهرجي، هو پهريان پاڪستان لاءِ کيڏندو هو ۽ پر هاڻي ٻين لاءِ کيڏي رهيو آهي.
ڪامران ٽيسوري چيو ته مستقبل ۾ ڪنهن به جوابدار کي بڪتر بند گاڏي بدران مرسڊيز ۾گهرايو وڃي، عمران خان پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪوبه بيان نه ڏنو.
سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، پـُرتشدد واقعن ۾ ملوث نه ڪارڪن نه پر دهشتگرد عنصر هئا، عمران خان جي ايجنڊا رڳو پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ آهي، کيس ڪالهه اين آر او مليو آهي.