اتر بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ ايف سي ڪمپائونڊ ۾ دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪليئرنس مڪمل ڪري ورتو، ڪليئرنس آپريشن دوران سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ شهري سميت ست جوان شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف سي ڪمپائونڊ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز اتر بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ ايف سي ڪمپائونڊ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪليئرنس مڪمل ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪليئرنس آپريشن دوران ڪمپائونڊ ۾ موجود سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ شهري سميت ست جوان شهيد ٿي ويا ۽ هڪ عورت سميت 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪليئرنس آپريشن 12 مئي جي شام دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ بعد شروع ڪيو ويو هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪليئرنس آپريشن ۾ يرغمال بڻيل ماڻهن کي بچائڻ شامل هو، دهشتگردن ٻارن کي به بخش نه ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جي رابطن جو پتو لڳائڻ لاءِ ضروري انٽيليجنس فالو اپ جاري آهي، دهشتگردن جي مددگارن کي گرفتار ڪيو ويندو، سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.