لاهور ۾ جناح هائوس تي حملو ڪندڙ ڪيترن ئي وڳوڙن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، دهشتگردي ايڪٽ ايف آءِ آر داخل، وڌيڪ وڳوڙن جي سڃاڻپ جو سلسلو جاري آهي.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جناح هائوس ۽ ٻين فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙ اڪثر وڳوڙن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي.
وڳوڙن ۾ لاهور واسي دانش منير، سعود، عدنان اشرف، علي حسن عباس، چوڌري مسعود معراج، علي افتخار، راولپنڊي واسي فاروق زمان، لوڌران واسي محمد تيمور جعفر، پاڪ پتن واسي عامر حمزه، لاهور واسي وقاص پرويز، يوسف گلزار، ملتان واسي سجاد سعيد، لاهور واسي محمد ارسلان ۽ اوڪاڙه واسي علي رضا شامل آهن.
وڌيڪ وڳوڙن جي سڃاڻپ جو سلسلو جاري آهي.
جناح هائوس کي ساڙڻ، ڀڃڊاهه، قيمتي سامان ۽ دستاويزن چوري ڪندڙن خلاف تيزيءَ سان قانون حرڪت ۾ آيو هن وقت تائين ڪيترن ئي وڳوڙن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جنهن ڪور ڪمانڊر هائوس کي ساڙڻ ۽ ڀڃڊاهه جي پرتشدد ڪاررواين ۾ حصو ورتو.
ڪور ڪمانڊر هائوس پرتشدد واقعن ۾ ملوث اڪثر ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
پرتشدد ڪارڪن وٽ هٿيارن، لٺون، پٿر ۽ پيٽرول بم هئا، ان سان گڏ ملڪ جي ٻين حصن ۾ قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارا به قانون جي گرفت ۾ اچي رهيا آهن.
لاهور ڪينٽ ۾ وڳوڙن ملڪ دشمنن جيان فوج جي آفيسن تي حملو ڪيو، جتي جناح هائوس، شهيدن جي تصويرن جي بيحرمتي ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن کي باهه ڏئي ساڙڻ سان گڏ ڦرلٽ ڪندڙن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ٽيمون سرگرم آهن ۽ حملا ڪندڙن کي قانون موجب سزائون ڏياريون وينديون.
9 مئي جي ڏينهن کي ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.