وفاقي وزير جاويد لطيف چوڌري چيو آهي ته 60 ارب رپيه ڦريندڙ ڌاڙيل کي عزت ۽ احترام ڏنو ويو آهي، پي ٽي آءِ پنهنجو دهشتگرد ٽولو تيار ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چوڌري چيو ته عمران خان واضح ڪيو ته ڪو به شخص دهشتگرد گڏ ڪري ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته شوڪت صديقي ۽ قاضي فائز عيسيٰ سان انصاف ڇو نه ڪيو ويو آهي.
جاويد لطيف چوڌري چيو ته عمران خان جي هوندي ڪنهن دشمن جي ضرورت ئي ناهي..