وفاقي وزير شيري رحمان جي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿڀرو سمجهي رهيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل باوجود ڪنهن عدليه تي حملو نه ڪيو، ڪو اهو نه سمجهي ته رياست هٿ تي هٿ رکي ويهي رهندي، عمران خان حڪومت ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ ن قيادت کي جيلن حوالي ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته عمران نيازي ۽ تحريڪ انتشار جيڪي صورتحال برپا ڪئي آهي، ملڪ، رياست ۽ ادارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قوم جي سامهون آهي، عمران خان پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿڀرو سمجهي رهيو آهي.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج دوران ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، ڪو اهو نه سمجهي ته رياست هٿ تي هٿ رکي ويهي رهندي، عمران خان کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.
هن چيو ته عمران نيازي ملڪ جي استحڪام کي داءَ تي لڳائي رهيو آهي، عمران نيازي عدالتن جو لاڏلو بڻيل آهي، سندن سان عدالتن جو ورتاءُ تبديلي ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل باوجود ڪنهن عدليه تي حملو نه ڪيو، عمران خان حڪومت ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ ن قيادت کي جيلن حوالي ڪيو ويو.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته صدر آصف علي زرداري شهيد راڻي جي شهادت تي به ملڪ کپي جي ڳالهه ڪئي، عمران نيازي سمجهي ٿو ته هو نه ته ملڪ به نه بچي، ملڪ ڏکئي حالتن مان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف ڳالهه نٿي مڃي ته ملڪ ۾ استحڪام ناهي.