اسلام آباد هائيڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت جو حڪم نامو جاري ڪندي عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عمران خان جاچ ۾ رنڊڪ وجهي ته نيب ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي، پڇاڳاڇا جي جڏهن به ضرورت هجي عمران خان پيش ٿئي.
اسلام آباد هائيڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 245 لاڳو آهي، عمران خان کي رليف نه ٿو ملي سگهي، ٻنهي جو موقف جارحاڻو آهي.
عداتل چيو ته ان موقف جو مطلب اهي بنيادي حق کائڻ آهي جيڪي جمهوري ۽ اسلامي رياست جا بنياد آهن، تصور نه ٿو ڪري سگهجي ته هڪ ذميوار حڪومت شهرين لاءِ انصاف جي پهچ ۾ رنڊڪ وجهي.
عدالت آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ ۾ عدالت تائين پهچ واري نقطي تي اٽارني جنرل جو نوٽيس ڪيو ۽ مدد طلب ڪئي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل لاڳاپيل فورم احتساب عدالت هجڻ جو اعتراض اٿاريو، عمران خان کي سپريم جي حڪم تي هائيڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو اعتراض درست ناهي، هاءِ ڪورٽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر تحت به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي..