بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جنهن ڪيس بابت سوچو آهي تنهن ۾ به ضمانت ملي آهي
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته نواز شريف خلاف سازشون ڪندڙ هڪ هڪ ٿي وائکا ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي هر صورت ۾ قائم رکڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جو فيصلو سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو.
خواجه آصف چيو ته چئن سالن تائين عمران خان ڦرلٽ ڪئي ۽ هاڻي سندس ساٿي ڦري رهيا آهن، نواز شريف کي سازش تحت سياست مان نيڪالي ڏني وئي آهي.