پنجاب حڪومت عمران خان جي گرفتاريءَ بعد ٿيل هنگامن، سول توڙي فوجي هنڌن ۾ ڀڃ ڊاهه جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جناح هائوس، فوجي ۽ سرڪاري هنڌن ۾ ڀڃ ڊاهه جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
جي آءِ ٽي واقعن جي جاچ ڪري جامع رپورٽ جوڙي حڪومت آڏو پيش ڪندي.
اجلاس ۾ سمورن شرپسندن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻن لاءِ ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
نگران وڏي وزير چيو ته ڀڃ ڊاهه وارن سمورن هنڌن جي جيو فينسنگ ڪرائي ويندي، شرپسندن خلاف سمورا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايا ويندا، جنهن به ڏوهاري کي نه ڇڏيو ويندو.
محسن نقوي چيو ته سول ۽ فوجي ملڪيتن تي حملا ڪندڙ عبرتناڪ سزا کان نه بچي سگهندا، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو..