اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو بليڪ ميلر قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي عمران خان هڪ دفعو ٻيهر وڳوڙن جي ڌمڪي ڏني آهي، عدليه ۾ عمران خان لاءِ آچر بازار لڳل آهي ۽ ضمانت مٿان ضمانت ڏني پئي وڃي، عمران خان ادارن تي دٻاءُ وجهي پنهنجو ڪم وٺي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عوام جي ذهنن ۾ هاڻي هڪ ئي سوال آهي ته انصاف جي اميد ڪنهن مان رکي وڃي.
هن چيو ته عدالت انوکو آرڊر ڏنو ته جنهن ڪيس جي خبر به نه هجي ان ۾ به عمران خان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، عمران خان لاءِ ضمانت جي آچر بازار لڳل آهي، عوام سوچي پيو ته انصاف جي گهرجن جا بخيا اڊيڙيا ويا.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ٻي ڌمڪي ڏني ته کيس گرفتار ڪيو ويو ته ٻيهر اهڙو ئي ردعمل ايندو، هي شخص ڏنڊي جي زور تي نظام پيو هلائي.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان کي بلينڪ ضمانت ملي، پي ٽي آءِ چيئرمين قوم جي ٻارن کي ڍال بڻايو، کيس شرم اچڻ گهرجي.
شرجيل ميمڻ چيو ته هي ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي پنهنجا ڪم وٺڻ چاهي ٿو، عمران خان پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اداري جي سربراهه خلاف ڳالهايو.
اطلاعات واري وزير چيو ته هڪ ڏوهاري کي ڏسي چيو وڃي ٿو ته کيس ڏسي خوشي ٿي، افسوس سان چوڻو پيو پوي ته ڪجهه ماڻهو قدر وڃائي ويٺا آهن..