ڀارت جي رياست ڪرناٽڪ جي چونڊن ۾ ڪانگريس انتھاپسند حڪمران جماعت بي جي پي کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي.
ڀارتي اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب ھن وقت تائين ووٽن جي ڳڻپ تحت ڪانگريس پارٽي ڪرناٽڪ ۾ 130 سيٽس کٽي چڪي آھي، ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي انتھاپسند جماعت بي جي پي کي 66 سيٽس تي سرسي حاصل آھي، جڏھن تھ جي ڊي ايس پارٽي 22 سيٽس کٽي چڪي آھي.
ڪرناٽڪ جي رياستي اسيمبلي 224 ميمبرن تي ٻڌل آھي ۽ وڏي وزير جي لاءِ ڪنھن بھ پارٽي وٽ 113 سيٽس کٽڻ ضروري آھي ۽ ڪانگريس بنا ڪنھن اتحادي جماعت جي رياستي حڪومت ٺاھي سگھي ٿي، ڪانگريس جي اڳواڻ راھول گانڌي ڪرناٽڪ ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي بعد بيان ۾ چيو تھ نفرت جي بازار بند ٿي وئي ۽ محبت جو دڪان کلي ويو، اھا ڪرناٽڪ جي عوام جي ڪاميابي آھي.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪرناٽڪ ۾ بي جي پي جي چونڊ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ھئي ۽ تقريرن ۾ پاڪستان خلاف ڳالھھ ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنھن ۾ کيس شڪست ملي.