اسرائيل طرفان پنجين ڏينھن بھ غزھ تي بمباري جاري رکي، شھيد فلسطينين جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب والاريل فلسطين جي علائقي غزھ ۾ اسرائيلي فورسز جي ويڙھاڪ جھاز آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻايو جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج جي بمباري ساب غزھ جي پٽي ۾ ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پھتو آھي.
ٻئي طرفان قابض اسرائيلي فورسز والاريل اولھھ واري ڪناري ۾ واقع فلسطيني پناھگيرن جي ڪئمپ تي بھ حملو ڪري فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد ڪيترائي فلسطيني نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا.
اسلامي جھاد تحريڪ موجب اسرائيل جي وحشياڻين ڪارروائين ۾ ھن وقت تائين 6اڳواڻ شھيد ڪيا ويا آھن، 5ڏينھن کان جاري بمباري ۾ 6ٻارڙن سميت 35 فلسطيني شھيد ٿي چڪا آھن.