ڀارتي فلمساز عمران خان تي ڪلام چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو .
ڀارت جي ناليواري فلمساز وويڪ رنجن اگني ھوتري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي پنھنجي تڪراري فلم “دي ڪشمير فائلز” جو ڪلام چورائڻ جو الزام ھنيو آھي.
وويڪ رنجن ٽوئٽر تي عمران خان جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪيل وڊيو پوسٽ ڪئي.
وڊيو بابت ڀارتي فلمساز دعويٰ ڪئي تھ ان وڊيو جي پويان ھلندڙ ڪلام “ھم ديکيھن گي” سندس فلم ڪشمير فائلز جو آفيشل ڪلام آھي.
ڀارتي فلمساز واضح ڪيو تھ پاڪستاني شاعر فيض احمد فيض جو اھو نظم لکيل آھي، عمران خان پنھنجي وڊيو تي غيرقانوني طور سندس فلم جو ڪلام استعمال ڪري رھيو آھي.