آن لائن اسٽور تي ھڪ کٽ جي قيمت ھڪ لک رپين کان وڌيڪ امريڪي آن لائن اسٽور تي معمولي کٽ جي قيمت ھڪ لک 12ھزار 168 رپيا آھي.
آن لائن اسٽور پنھنجي پليٽ فارم تي ھڪ کٽ وڪري لاءِ پيش ڪئي، عام بازار مان کٽ خريد ڪئي وڃي تھ 10 کان 12 ھزار رپين ۾ ملي وڃي ٿي پر آن لائن اسٽور اسٽي ان جي قيمت ھڪ لک رپين کان وڌيڪ لڳائي آھي.
آن لائن اسٽور اسٽي کٽ کي خوبصورتي سان روايتي ھنڌ جي طور ڄاڻايو آھي، تفصيل ۾ ٻڌايو ويو تھ ھيءَ ھٿ سان تيار ڪيل پروڊڪٽ آھي جنھن کي ڪاٺ سان ٺھيل آھي، اھا کٽ ھندستان ۾ قائم ھڪ دڪان جي ذريعي وڪرو ڪئي پئي وڃي، في الحال محدود سپلاءِ ۾ آھي، جڏھن 5صارفين طرفان کٽون بڪ ڪرايون ويون آھن.