پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، ورهاڱي جي سياست دفن ڪري ڇڏينداسين.
ڪراچي ۾ پ پ جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين جيالن جي حڪومت هوندي، ڪراچي ۽ سنڌ الڳ هئڻ جون ڳالهيون ڪندڙ دفن ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ مخالفن کي ٽريلر ڏيکاريو ويو آهي، ڪراچي وانگر سموري ملڪ مان هو سياسي دهشتگردن جو خاتمو آڻيندا.
سندس چوڻ هو ته هو چونڊن کان ڊڄڻ وارا نه آهن، اليڪشن جڏهن به ٿيندي پ پ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي، سياسي مخالفن کي ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، عمران خان تون ڪهڙي شيءَ آهين.