سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪا سياست هلي رهي آهي اها مفاد واري آهي، هو عوامي خدمت ڪري رهيا آهن،21 مئي تي مزار قائد تي گڏ ٿي 9 مئي جي واقعن خلاف پاڪ فوج ۽ محمد علي جناح سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا، هي وقت نفرتون پکيڙڻ جو نه پر اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جو آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ ” اميد گھنٽي“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته هن گھنٽي وڄڻ سان هاڻي هر سوال ڪندڙ پنهنجي شڪايت ڪري سگهي ٿو.
ڪامران ٽسوري چيو ته گھنٽي سان گڏ گورنر هائوس جي دروازي تي هڪ ڪيمرا به لڳايو ويندو ته جيئن ماڻهو هتي اچڻ تي نااميد نه ٿين، هن ڏکئي وقت ۾ ”اميد جي گھنٽي“ وڄائڻ جو قدم کنيو آهي، ڪنهن ٻئي جو ڪيل واعدو، هنن پورو ڪيو آهي.
سنڌ جي گورنر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن وقت ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪا سياست ٿي رهي آهي ان جو مقصد صرف ذاتي مفاد آهي، هو صرف عوام جي خدمت ڪرڻ واري سياست ۾ يقين رکن ٿا.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته 21 مئي تي مزار قائد تي گڏ ٿي 9 مئي جي واقعن خلاف پاڪ فوج ۽ باباءِ قوم محمد علي جناح سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا، هي وقت نفرتون پکيڙڻ جو نه پر اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جو آهي.