آرمي چيف جنرل عاصم مينر چيو آهي ته 9 مئي جي ڪاررواين جي رٿابندي ڪندڙ سمورن کي ڪٽهڙي آندو ويندو، پاڪ فوج پنهنجن ٿاڪن کي ساڙڻ جي وڌيڪ ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي، دشمن عنصرن طرفان هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس سڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف ڪور جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته هو امن ۽ استحڪام واريون ڪوششون جاري رکندا، هٿياربند فوج پنهجن ٿاڪن جو تقدس ۽ سلامتي پائمال ڪرڻ جي وڌيڪ ڪا به ڪوشش برداشت نه ڪندي.
هن چيو ته 9 مئي ي ڪارروائي جي رٿابندي ڪندڙ سمورن ڪردار، مڇريل ماڻهن ۽ ان لاءِ ڀڙڪائيندڙن توڙي عمل ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پنهنجي ٿاڪن کي ساڙڻ جي وڌيڪ ڪوششن کي برداشت نه ڪندي، دشمن عنصرن طرفان فوج کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جنرل عاصم منير چيو ته عوام جي سهڪار سان اهڙيون سموريون ڪوششون ناڪام بڻايو وينديون.