سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جنهن جي محبت پاڪ ۽ سارسنڀال بيمثال آهي، ماءُ پنهنجي اولاد جي سار سنڀال ۽ بهتر مستقبل لاءِ جيئندي آهي.
مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد امڙ جي پيار ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ سوچڻو اهو آهي ته سندن مائرن مضبوط، باشعور ۽ پروقار شخصيت بڻايو پر هو کين اهو احترام ڏئي سگهيا آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جنهن جي محبت پاڪ ۽ سارسنڀال بيمثال آهي، ماءُ پنهنجي اولاد جي سار سنڀال ۽ بهتر مستقبل لاءِ جيئندي آهي.
هن چيو ته اڄ ان اولاد کي پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي جن جون امڙيون سندن محبت کان محروم ايڌي هومز ۾ زندگي گذاري رهيون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سلام آهي انهن فلاحي ادارن کي جيڪي ٻين جي مائرن کي پنهنجي امڙ سمجهي ڪري سندس زندگي جو آخري سهارو بڻجن ٿا