تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس سروسز اسپتال ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ياسمين راشد کي ساهه جي تڪليف ٿي رهي آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر ڊاڪٽر ياسمين راشد کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب لاهور جي سروسز اسپتال ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جيل اختيارين پنهنجي تحويل ۾ ياسمين راشد کي سروسز اسپتال منتقل ڪيو هو جتي سندس علاج هلندڙ آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ياسمين راشد کي ساهه جي تڪليف ٿي رهي آهي، سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون آهن