پنجاب حڪومت 9 مئي جي پرتشدد واقعن ۾ ملوث وڳوڙي عنصرن کي گرفتار ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس سميت 23 عمارتن کي نقصان پهچايو ويو آهي، پوليس جي گاڏين سميت 108 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، 9 مئي تي پنجاب ۾ دهشتگرديءَ جا ڇرڪائيندڙ واقعا ٿيا آهن، وڳوڙن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته 9 مئي تي پنجاب ۾ دهشتگرديءَ جا ڇرڪائيندڙ واقعا ٿيا، سڄي صوبي ۾ وڳوڙن طرفان پوليس جي گاڏين سميت 108 گاڏين کي ساڙيو ويو.
سندس چوڻ هو ته 23 عمارتن کي نقصان پهچايو ويو، ميانوالي تي حملي جو پورو پلان ڪيو ويو هو، ماڻهو هٿيارن سان هئا ۽ پلان تحت جهازن کي ساڙيو ويو.