بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ جوابدار، ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
مغيري پاڙي ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام مڙهي بندوق جا فائر ڪري ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.