پي ڊي ايم طرفان سڀاڻي سپريم ڪورٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ مان جي يو آءِ جو قافلو روانو ٿي ويو، علامه راشد محمود سومري جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ کان گاڏين جو قافلو سڀاڻي صبح اسلام آباد پهچندو، اڄ اهڙو شخص ملڪ تي حملو ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ زلمي خليل زاد جهڙا ماڻهو ٽوئيٽ ڪري رهيا آهن.
پي ڊي ايم طرفان سڀاڻي سپريم ڪورٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ شرڪت لاءِ جي يو آءِ جو قافلو مولانا عبدالڪريم عابد، قاري عثمان، مولانا سميع الحق سواتي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ روانو ٿي ويو.
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ کان گاڏين جو قافلو سڀاڻي صبح اسلام آباد پهچندو، اڄ اهڙو شخص ملڪ تي حملو ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ زلمي خليل زاد جهڙا ماڻهو ٽوئيٽ ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ملڪ ادارن تي حملو ڪندڙ شخص پاڪستان جي دشمنن جو ساٿي بڻيل آهي، اهو شخص جڏهن چيف جسٽس جي سامهون پيش ٿئي ٿو ته چيف جسٽس کيس ڀليڪار چئي ٿو.
جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومري چيو ته چيف جسٽس جيڪڏهن ملڪ جي رياستي ادارن خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي حمايت ڪري ٿو ته چيف جسٽس عدالت عظميٰ جي ڪرسي ڇڏي ۽ سياست جي ميدان ۾ اچي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪڏهن مارشلا کي تسليم ناهي ڪيو هو جو جوڊيشلي مارشلا کي به تسليم نه ڪندا.
جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومري چيو ته چيف جسٽس ملڪ دشمن جي پٺڀرائي ڪرڻ کان پاسو ڪري، هو پنهنجي قائد جي حڪم تي لبيڪ چئي اڻ اعلانيل مدي تائين اسلام آباد وڃي رهيا آهن.