وفاقي سرڪار 9 مئي جي وڳوڙن کي منصوبا بندي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي تربيت يافتا دهشتگردن پئٽرول بمن سان حملا ڪيا، هٿياربند ٽولن دهشتگردي ڪئي، وڳوڙن کانپوءِ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳڻ گهرجي، پي ڊي ايم سربراهه کي ريڊ زون کان ٻاهر مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله چيو ته پي ڊي ايم جو مظاهرو ريڊ زون يا شاهراهه دستور تي ٿيو ته ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل هوندو، ماڻهن جو وڏو انگ مظاهري ۾ اچڻ جو خواهشمند آهي، چيف جسٽس ۽ ٽه رڪني بئنچ جي فيصلن تي ماڻهو ڪاوڙيل آهن.
هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سندس گرفتاري بابت جيڪو ڪجهه ٿيو کيس ڪابه ڄاڻ ناهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي رٿا بندي جو نتيجو آهي، دهشتگردن شهيدن جي يادگار کي باهه ڏني، ماڻهن کي پئٽرول بم ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي آهي اها فتني عمران خان ڪرائي آهي، ملڪ ۾ رٿابندي تحت ڀڃ ڊاهه ڪرائي وئي آهي.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله چيو ته ٽن ڏينهن دوران فتني جي حقيقت قوم سامهون اچي وئي آهي، وڳوڙين جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته جتي جتي باهه ڏني وئي آهي شاهديون عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون، جيڪو ڪجهه ٿيو آهي تنهن جو حل آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي وڃي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان 60 ارب رپيه غير قانوني طور برطانيا مان اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان ۽ سندس گهر واري القادر ٽرسٽ جا ٽرسٽي آهن، عمران خان نه جهڙتي ۽ نه وري گرفتاري ڏيڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته عوام پنهنجي ووٽ سان عمران خان کي مائنس ڪري، ووٽ جي طاقت سان فتني کي مائنس نه ڪيو ويو ته ملڪ کي وڏي حادثي جو شڪار ڪندو.
راڻا ثناءَ الله چيو ته ڀڃ ڊاهه ڪندڙن کي 8 مهينن کان ٽريننگ ڏني وئي، وڳوڙي ٽولن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويندو.