ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 54 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي.
ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 54 سيڪڙو گهتتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان آٽو مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي طرف جاري ڪيل انگ اکرن موجب جولاءِ کان اپريل تائين جي مدي ۾ ملڪ ۾ 88هزار 620 يونٽس مسافر ڪارن جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي مقابلي ۾ 54 سيڪڙو گهٽ آهي.
گذريل مالي سال ان مدي ۾ هڪ لک 91 هزار 238 يونٽس ڪارن جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو.