پيپلز پارٽي سڀاڻي پي ڊي ايم جي ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته ملڪ ۾ موجوده بحرانن جو ذميوار عمران خان آهي.
هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ قائم نه ڪئي وئي، پ پ پاڻمرادو نوٽيس کي رد ڪري ٿي.
هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سٺا جج گهرجن، 11 مئي تي عمران خان طلبي وقت جوابدار هو، سپريم ڪورٽ جي بئنچ کيس بيگناهه قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته ڪهڙو جواز آهي ته عمران خان جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏنو ويو.
نيئر بخاري چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي آزاد ڪرڻ سميت جاچ ڪرڻ کان به روڪيو.
هن چيو ته عدالتن کي پسند يا نا پسند جي بنياد تي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، 70 جي ڏهاڪي ۾ عداليه جيڪو ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪي ادارن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي وڳوڙين جيڪو ڪجهه ڪيو سڀني جي سامهون آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن پرامن نموني احتجاج ۾ شرڪت ڪندا.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڇا سموري ملڪ ۾ وڳوڙ ڪندڙن خلاف عدليه پاڻمرادو نوٽيس وٺندي.