پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو جڏهن ته 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن واري فيصلي بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ اڄ ڪري رهي آهي.
پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو جڏهن ته اڄ 14 مئي آهي پر پنجاب ۾ چونڊون پري پري تائين ٿيندي نظر نٿيون اچن.
چونڊون ٿيون نه ئي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ٿي سگهيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن تياريون مڪمل هئڻ جي دعويٰ ڪئي پر حڪومت کان فنڊز نه مليا.
سياسي پارٽين به رڳو پنجاب ۾ چونڊن تي راضي نه ٿيون، غير يقيني جي صورتحال ڏسندي چونڊ مهم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي جڏهن ته مسلم ليگ نون ته اميدوارن کي ٽڪيٽون ئي جاري نه ڪيون.
حڪمران پارٽين جو چوڻ آهي ته ملڪي بقا ان ۾ آهي ته گڏجي هن بحران کي منهن ڏنو وڃي ۽ معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.
14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن واري فيصلي بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ اڄ ڪندي.
جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به بينچ ۾ شامل آهن.