پاڪستان کي پوليو وائرس کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي مشن تحت پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي.
پنجن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم 19مئي تان پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي 49 ضلعن ۾ جاري رهندي، ان دوران 5سالن تائين جي هڪ ڏهائي 9 ملين ٻارڙن کي پوليو وئڪسين ۽ ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
پنجن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ پنجاب جي 12ضلعن ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڪروڙ 12 لک 81 هزار 318 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
سنڌ جي 17ضلعن ۾ 61 لک 74 هزار 456 ٻارڙ کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، جڏهن ته بلوچستان جي 19 ضلعن ۾ 17 لک 66 هزار 992 ٻارڙن جي وئڪسين ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
صحت کاتي طرفان والدين تي زور ڏنو ويو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سندن ٻارڙن جي زندگي بچائڻ واري پوليو وئڪسين لڳائين ته جيئن پوليو وائرس کان محفوظ رهن.