پي ڊي ايم طرفان سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاجي ڌرڻي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، مولانا فضل الرحمان ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪرڻ بابت حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻين پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
مولانا فضل الرحمان ڊي چوڪي تي احتجاج جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
هن چيو ته پي ڊي ايم اعلان ڪري چڪي آهي، هاڻي فيصلو عوامي عدالت ڪندي.
سندس چوڻ هو ته مظاهري دوران پي ڊي ايم ڪارڪن پرامن هوندو ۽ ڪو نقصان نه ٿيندو