تنگواڻي ڀرسان هٿياربندن جي ٽولي پوليس چوڪي سميت ٻن هنڌن تي ڌار ڌار حملا ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ اهلڪار سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
تنگواڻي شاخ جي اڪبر باجڪاڻي پوليس چوڪي تي هٿياربندن جي ٽولي حملو ڪيو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار علي محمد ملڪ شهيد ۽ احد ملڪ کي زخمي ڪرڻ بعد سرڪاري هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس اٽالن پهچي شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال کڻائي ويئي.
هوڏانهن ڌاڙيلن مانجهي پل تي هڪ ٻيو حملو ڪري خانگي چوڪيدار من دوست بهلڪاڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي پوليس هٿياربندن جي حملي کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي هئي.