آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ توڙي گڏيل دفاعي ۽ فوجي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ يو اي اي صدر وچ ۾ گڏيل دفاعي ۽ فوجي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.