سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته عام چونڊون سندس مرضي جي وقت تي ٿين، چونڊون ان وقت ٿينديون جڏهن ته هو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندا، عمران خان کي گرفتار ڪري ڪو حدف حاصل نه ڪرڻ هو، نيب عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، عمران خان ۽ سندس پارٽي هميشه ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، وڳوڙن جناح هائوس، فوجي ٿاڪن ۽ تاريخي عمارتن کي نقصان پهچايو، عمران خان هميشه تشدد ۽ وڦيڙ جي سياست کي هٿي وٺرائي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، عمران خان ملڪي ساک کي داءَ تي لڳايو، کين تباهه معيشيت ورثي ۾ ملي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان معيشيت جهڙي طرح معيشيت کي تباهه ڪيو ان جو مثال نٿو ملي، عمران خان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪوبه تعلق ناهي، نيب عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته جسماني رمانڊ واري جوابدار کي ايڏو وڏو رليف مليو هجي، عمران خان کان جڏهن به پڇاڳاپا يا جاچ ٿيندي آهي ته هو تشدد تي لهي ايندو آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سموري قيادت ماڻهن کي تشدد تي ڀڙڪائيندي رهي ۽ ڀڃڊاهه توڙي وڳوڙن جي نگراني ڪندي رهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت دانشمندي ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو، عمران خان پنهنجي خلاف ڪنهن ڪيس ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سندن مقصد سياسي انتقام وٺڻ هجي ها ته 14 مهينا انتظار نه ڪن ها.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سائفر جي معاملي تي هو چاهن ها ته عمران خان سيخن جي پٺيان هجي ها، عمران خان چاهي ٿو ته عام چونڊون سندس مرضي جي وقت تي ٿين، چونڊون ان وقت ٿينديون جڏهن ته هو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ڏني.