اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جو ڀلو ان ۾ آهي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي، ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، سڀ کان وڏو مسئلو عدالتن ۾ جوابدارن کي رليف ڏيڻ بڻجي ويو آهي، مسلم ليگ نون جي اڳواڻن رمانڊ به ڀوڳيو ۽ جيل به ڪاٽيا، عمران خان تي 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، اڄ ماڻهن جي انصاف جي نظام تان يقين کڄي ويو آهي، بدنصيبي آهي ته اڄ سندن ملڪ ان حالت تي پهتو آهي، جناح هائوس تي حملو ٿيو ته پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو ويو.
ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان کي عدالتي اڱڻ مان گرفتار ڪرڻ غلط هو، عمران خان کي عدالت بدران ڪنهن ٻي هنڌان گرفتار ڪرڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته هو سپريم ڪورٽ کي سولو رستو ٻڌائي ٿو ته نيب کي ختم ڪيو وڃي، سندن خلاف ٺاهيل ڪيسن ۾ ڪابه حقيقت ناهي، هن سئو ڀيرا جاچ کي منهن ڏنو، عمران خان خلاف جاچ ٿيڻ نٿي ڏني وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اهو ممڪن ناهي نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني لاءِ انصاف ڌار هجي ۽ عمران خان لاءِ ٻيو هجي ٽن ڪمرن جي گيسٽ هائوس ۾ ڇا جاچ ٿيندي؟، کين خبر آهي اڄ سپريم ڪورٽ ڇا ڪندي.
هن چيو ته جڏهن نيب جي جوابدارن کي ڀليڪار ڪيو ويندو ته انصاف جي نظام تي يقين ڪيئن ٿيندو؟، ڇا ٻيا جوابدار، عمران خان کان گهٽ پاڪستاني آهن؟، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي رويي تي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته فوج جا هيڊڪوارٽرز محفوظ ناهن پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، جتي آئين جا بخيا اڊيڙيندڙ جج هجن اتي ڪجهه باقي نه رهي سگهندو، جوابدار کي ڀليڪار چوڻ عدالت جو ڪم ناهي.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو نه احتجاج آهي، عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ چاهيون ٿا، چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٽن مهينن بعد گهر هليو ويندو جيڪو نقصان ملڪ کي پهچايو ويو ان جو ازالو ڪير ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ جيڪڏهن فوج گولي هلائي ها ته چيو وڃي ها هٿين خالي شهرين تي گوليون هلايون ويون، اهو تمام ڏکيو فيصلو هو، ادارن سان اختلاف نه ادارن جي رويي ۽ فيصلن سان آهن.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ تي ججن بعد ۾ چيو دٻاءَ ۾ فيصلو ڏنو، ڇا اعتراف سان ذوالفقار ڀٽو واپس اچي سگهي ٿو؟، 190ملين پائونڊ جو حساب ڏيڻ نٿا چاهيو، جيڪي فيصلا آئين ۽ قانون کان مٿانهان ٿيندا تاريخ ۾ انهن کي غلط ثابت ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته انصاف جو ٻٽو نظام نٿو هلي سگهي، پاڻمرادو نوٽيس جي روايت سپريم ڪورٽ وڌي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو مثال ناهي ته هڪ شخص جيڪو ڪرپشن جي الزام ۾ رمانڊ تي هجي سپريم ڪورٽ گهرائي ۽ ضمانت ڏني، رڳو ضمانت نه پر ٽن ڪمرن جو گيسٽ هائوس به ڏنو وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اعليٰ ترين عدالت جوابدارن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، مسلم ليگ نون جي اڳواڻن رمانڊ به ڀوڳيو ۽ جيل به ڪاٽيا، عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪابينا جي فيصلي ذريعي معاملا حل ڪرڻ ۾ ڏنا، سڄي معاملي جي ڪابه سمري ناهي، رڪارڊ ۾ ڇا آهي ڪجهه ناهي خبر آهي کيس تحفظ ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ آهي.