سپريم ڪورٽ، پنجاب ۾ عام چونڊن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا آهن ته ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي، حڪومت بي وس نظر پئي اچي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن واري 4 مئي واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران چيف جسٽس آف پاڪستان، سيڪريٽري سپريم ڪورٽ بار سان مڪمل ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو.
چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته توهان نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، بنيادي ڪيس ۾ جيڪي نقطا نه اٿاريا ويا اهي نظرثاني ۾ ڪيئن اٿاريا ويندا.
چيف جسٽس چيو ته بنيادي ڪيس ۾ هڪ نقطو نه اٿاريو ويو ته ان کي نظرثاني ۾ نه ٿو اٿاري سگهجي.
جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان جيڪي دليل ڏيڻ چاهيو ٿا اهي وفاقي حڪومت کي ڏيڻ گهرجن.
تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي اعتراض اٿاريا.
ايڊووڪيٽ پي ٽي آءِ علي ظفر چيو ته نظرثاني جو دائرو محدود آهي، نظرثاني واري ڪيس ۾ دليل نه ٿا ڏئي سگهجن جيڪي بنيادي ڪيس ۾ نه ڪيا ويا.
چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي نظرثاني درخواست تي دليل تيار ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، صوبن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويندا.
عدالت پنجاب جي وڪيل کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو
پي ٽي آءِ جي وڪيل چيپو ته نگران حڪومت غير آئيني بڻجي چڪي آهي، ملڪ جي 55 سيڪڙو آبادي پنهنجي چونڊيل نمائندن کان سواءِ آهي.
چيف جسٽس چيو ته هيءَ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته سياسي قوتون ڇڪتاڻ طرف وڌي رهيون آهن، چئن پنجن ڏينهن کان جيڪو ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، ان کي به ڏسنداسين.
جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي، پر حڪومت بي وس نظر پئي اچي.
چيف جسٽس چيو ته چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي ئي جمهوريت ترقي ڪري سگهي ٿي.
جسٽس عمر عطا بنديال، اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان ڳالهيون ٻيهر شروع ڇو نٿا ڪريو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته بلڪل ڳالهيون شروع ٿيڻ گهرجن.
چيف جسٽس چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان تڪرار وڌايو پيو وڃي، ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿي رهيو آهن، ادارن جي تذليل پئي ٿئي.
اٽارني جنرل چيو ته ڳالهين کي وڌيڪ وقت ملي وڃي ها ته بهتر هو، 2 مئي تي ڳالهيون ختم ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا ٿيو هو جو اوچتو ڳاليون ختم ٿي ويون؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته چونڊن جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.
اٽارني جنرل چيو ته ائين نه ڪريو علي ظفر صاحب، چيف جسٽس چيو ته جيڪو گذريل هفتي ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها.
پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته گذريل هفتي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم کي عدالتي اڱڻ مان گرفتار ڪي هو.
اٽارني جنرل چيو ته اوهان اهو به ڏسو ته ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ عدالت گرفتاريءَ کي درست قرار ڏنو هو.
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ عوام جي بنيادي حقن جي محافظ آهي، معيشت جو ڦيٿو بيهجي وڃي ته وڌيڪ خرابي ٿيندي.
جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معاشرو ورهايل هوندو ته چونڊ نتيجا ڪير قبول ڪندو.
سپريم ڪورٽ چونڊن بابت نظرثاني واري ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.