پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ رٿ منظور ڪئي وئي.
چيف جسٽس عمر عطابنديال خلاف ريفرنس کي قطع شڪل ڏيڻ لاءِ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ مختلف پارٽين جا ميمبر شامل هوندا، ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هوندو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ لاءِ قومي اسيمبلي رٿ پڻ منظور ڪري ورتي آهي.
چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جي رٿ شازيا صوبيا سومرو پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس خلاف خاص ڪميٽي ريفرنس تيار ڪري.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جناح هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن تي حملن خلاف مذمتي ٺهراءُ به قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو.
ٺهراءُ ايم اي اين وجيها قمر پيش ڪئي..