وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ٿيڻو آهي، 9 مئي کانپوءِ سندس ڏوهن ۾ اضافو ٿيو، بشريٰ بيبي جي گرفتاريءَ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي، توهين عدالت جو نوٽيس جاري ٿيو ته پارليامينٽ فيصلو ڪندي ته ڇا ڪرڻو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نگران حڪومتن کي اندازو نه هو ته اهڙن ڪيسن کي نشانو بڻايو ويندو، اليڪشن ٿيڻ تائين نگران حڪومتون قائم رهنديون.
هن چيو ته انصاف جي ايوان ۾ ويهي ڌر بڻجڻ واري ڳالهه ماڻهن کان هضم نه پئي ٿئي، قومي خزاني تي 60 ارب رپيا ڌاڙو هڻندڙ کي جهڙيءَ ريت عدالت ۾ ڀليڪار ڪيو ويو ان تي ماڻهن کي ڪاوڙ آهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته بشريٰ بيبي جي گرفتاريءَ ۾ ڪا به صداقت ناهي، پر عمران خان ضرور گرفتار ٿيندو.
وفاقي گهرو وزير چيو ته جي يو آءِ جي احتجاج دوران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته ڪو به شر پسند احتجاج جو فائدو نه وٺي.