مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيرز مريم نواز سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطابنديال کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي تباهي به جج جي فيصلن سان ٿي آهي، موجوده بحرانن جو ايترو ذميوار پارڪ ذميوار ناهي، جيتري عمر عطا بنديال جي ڪرسي آهي، ظلم ته ڏسو ڪنهن کي سڄي عمر لاءِ ضمانت ۽ ڪنهن کي تاحيات نااهلي؟ عمران خان چيو هو ته گرفتاري ٿئي هنن هنڌن تي حملو ڪرڻو آهي، پي ڊي ايم پڇي ٿي ته ايڏي خوشي ڪهڙي شيءِ جي آهي؟ اسيمبليون ٽوڙڻ واري سازش ۾ سڀ کان وڏو ڪردار جسٽس عمر عطابنديال جو آهي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران پي ڊي ايم جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ رڳو عمران خان ۽ پرويز الاهي نه پر عارف علوي به شامل هو، عارف علويءَ جنرل باجوه سان گڏ ويهي فيصلو ڪرايو، ان سازش جو سڀ کان وڏو ڪردار عمر عطا بنديال هو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي عمارت کي ايمانداري نه پر عمران داريءَ سان داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مريم نواز چيو ته هوءَ معزز ججن کي چوڻ چاهي ٿي ته عدليا ۽ قانون جو احترام ڪن ٿا، سپريم ڪورٽ جو ڪم آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آهي روڪڻ نه، سدائين آمرن خاطر نظريئه ضرورت زنده ڪيو ويو، اڄ پنجين جڊيشل مارشل لا هن عمارت مان لڳو آهي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته جنهن عمارت ۾ انصاف ٿيڻو هو، اتي ڪجهه سهولتڪار ڏينهن رات انصاف جو قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
مريم نواز چيو ته چونڊيل وزيراعظم کي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو ويو، پر 60 ارب رپين جي ڏوهاري کي ڀليڪار ڪيو ويو، عمران خان کي چيو ويو اوهان کي ڏسي خوشي ٿي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته هوءَ به پنهنجي ڀاءُ جي ٽرسٽي هئي ۽ مٿس الزام مڙهيا ويا، هن چار سال ظلم برداشت ڪيو، ڇا عمران خان جي گهر جي عورتن جي عزت آهي، ٻين جي ناهي؟
مريم نواز چيو ته زمان پارڪ موجوده بحرانن جو ذميوار ايترو ذميوار ناهي، جيتري عمر عطا بنديال جي ڪرسي آهي.
سندس چوڻ هو ته آئين کي ري رائٽ ڪيو ويو، آرٽيڪل 63 اي جي غلط تشريح ڪئي وئي، هو اقليتي فيصلي کي ڇو تسليم ڪن؟
مريم نواز چيو ته فتنو ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي انجام تائين پهچائڻ جي ذميواري عدليا جي هئي.