حڪومت پئٽرول 12 رپيا ۽ ڊيزل 30 رپيا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪندي چيو ته پئٽرول جي اگهه ۾ 12 رپيا في لٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ڊيزل 30 رپيا في لٽر، لائٽ ڊيزل 12 رپيا ۽ گاسليٽ به 12 رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزير ٽرانسپورٽرن کي اپيل ڪئي ته تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پهچايو وڃي.