نيب ۾ اعليٰ سطح تي مقرريون ۽ بدليون ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊائريڪٽر محمد رضوان خان کي نيب راولپنڊي مان نيب ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
ڊائريڪٽر محمد عبيدالله اعظم کي نيب راولپنڊي مان نيب سکر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر اصغر خان کي نيب راولپنڊي مان بدلي ڪري نيب خيبرپختونخواهه منتقل ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر شيخ محمد شعيب کي نيب راولپنڊي مان بدلي ڪري نيب ملتان منتقل ڪيو ويو.
پڌرائي موجب ايڊيشنل ڊائريڪٽر ظاهر شاهه کي نيب ملتان مان بدلي ڪري نيب راولپنڊي مقرر ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر هارون رشيد کي نيب خيبرپختونخواهه مان بدلي ڪري نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.
نيب راولپنڊي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايريڪ پال کي نيب خيبرپختونخواه منتقل ڪيو ويو آهي، نيب راولپنڊي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ارپ فلپ ونگسن کي نيب ملتان منتقل ڪيو ويو.
نيب راولپنڊي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد شاهد محمود کي نيب سکر منتقل ڪيو ويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون کي نيب ملتان مان بدلي ڪري نيب راولپنڊي موڪليو ويو آهي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر ديام بلوچ کي نيب خيبرپختونخواهه مان بدلي ڪري نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو
نيب ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد آصف منير کي نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وقار الحسن خان کي نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد کان نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مستنصر امام شاهه کي نيب ملتان مان بدلي ڪري نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.