پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته چيف جسٽس حڪومت ۾ هٿ وڌا ته ان جو تحفظ ڪيو ويندو، هو عدالتن جا انجنيئرڊ نتيجا ڪنهن به صورت ۾ نه قبوليندا، تاريخي احتجاج واضح ڪري ڇڏيو آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، عدليه سياست ۾ مداخلت نه ڪري، سياست ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي، ضرورت پئي ته هو ٻيهر اسلام آباد ايندا.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پي ڊي ايم ڌرڻي کي خطاب مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن کي آئين، قانون ۽ عوام جي توهين جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته سمورن ادارن کي پنهنجون ذميواريون پنهنجن حدن ۾ رهي پوريون ڪرڻ گهرجن، سموري پوليس ۽ رينجرز هٽي وڃي، سپريم ڪورٽ جي عمارت جي حفاظت هو پاڻ ڪندا.
مولانا فضل الرحمان چيو ته چيف جسٽس حڪومت ۾ هٿ وڌا ته ان جو تحفظ ڪيو ويندو، اليڪشن پنهنجي وقت ۽ چيف جسٽس جي وڃڻ کانپوءِ ٿيندي.
پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسلام آباد ۾ عوام جي عدالت لڳي، هو عدليا جو احترام ڪرڻ تي يقين رکن ٿا، اسلام عدل ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن ها ته بحران نه هجي ها……………