نيوزيلينڊ جي هاسٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
ويلنگٽن جي هاسٽل اندر اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 ڄڻا گم آهن، جن جو ڳولا جو عمل جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪنهن ڄاڻي واڻي باهه لڳائي.
اختيارين موجب 52 ماڻهن کي هاسٽل مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، فوتگين جو انگ وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
باهه وسائڻ لاءِ 20 کان وڌيڪ فائر ٽرڪن جي مدد ورتي، هاسٽل ۾ 92 ماڻهن جي رهائش جي گنجائش آهي.