سنڌ ۾ مڪاني ادارن لاءِ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پ پ اڳواڻن طرفان قيادت کي درخواستون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب ۽ نجمي عالم درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب ميئر حيدرآباد لاءِ علي محمد سهتو ۽ صغير قريشي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ميئر لاڙڪاڻو لاءِ خير محمد شيخ ۽ انور لوهار جون درخواستون پارٽي قيادت وصول ڪري ورتيون آهن.
ميئر سکر لاءِ ارسلان شيخ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.