سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ڇوڪرين سميت 10 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ملڪ اندر سمورن حراستي مرڪزن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ڇوڪرين سميت 10 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن ۽ حراستي مرڪزن جي رپورٽون ڪٿي آهن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ٻڌايو وڃي ته اڃا تائين گم ٿيل ماڻهو بازياب ڇو ناهن ٿي سگهيا.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ جي حراستي مرڪزن جي رپورٽ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکيو ويو آهي، پر اڃا تائين رپورٽون ناهن مليون.
عدالت وفاقي گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت جي سيڪريٽرين ۽ صوبائي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان چئن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.