وفاقي وزير شيري رحمان طرفان ماڻهن کي هيٽ ويو ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين ملڪ جي ڪيترن ئي ميدان علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسم گهڻي گرم رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته وڌندڙ گرميءَ ۾ هيٽ اسٽروڪ جو خطرو به وڌي ويندو آهي. اسان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ گائيڊ لائينز موڪلي ڇڏي آهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته صبح 11 وڳي کان 4 وڳي تائين سخت گرمي هوندي آهي، شهري بنا سبب جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.