قومي اسيمبلي ۾ توهين پارليامينٽ بل 2023ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي.
اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رانا قاسم نون قومي اسيمبلي ۾ توهين پارليامينٽ بل پيش ڪيو ويو.
پارليامينٽ ۾ بل 2023ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو .
بل جي متن موجب پارليامينٽ يا ڪميٽي جي توهين تي 6 مهينن تائين قيد ۽ 10 لک رپين تائين ڏنڊ ۽ ٻيون سزائون تجويز ڪيو ويو .
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي توهين تي ڪنهن به رياستي يا حڪومتي عهديدار کي طلب ڪري سگهندي، 24 رڪني پارلياماني ڪميٽي توهين پارليامينٽ ڪيسن جي جاچ ڪندي.
ڪميٽي ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي ميمبرن کي برابر جي بنياد تي شامل ڪيو ويندو.