سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف ڪيس ۾ ڌرين کي لکت ۾ سفارشون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا آهن ته هو هر ڪنهن کي چوندو آهي، توهان کي ڏسي خوشي ٿي، ان تي به تنقيد ڪئي وئي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا ته عمران خان جا وڪيل واضح ڪن ته اهي ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪهڙين ترميمن کي چئلينج ڪن ٿا.
ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جو وڪيل مخدوم علي خان ڪراچيءَ مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو.
چيف جسٽس چيو ته اوهان گهڻو پري آهيو، جنهن تي وڪيل چيو ته ڪالهه حالتون ئي اهڙيون هيون يقين نه هو ته عدالت پهچي سگهندس، اڄڪلهه ته سوشل ميڊيا به نه پئي هلي جو ڄاڻ ملي سگهي.
جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سوشل ميڊيا تي ته ”گـُـڊ ٽو سي يو“ کي به غلط انداز ۾ هلايو ويو، هو هر ڪنهن کي ائين چوندو آهي.
سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ وفاق حڪومت کي لکت ۾ سفارشون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ضرورت پوڻ تي ڪيس ٻيهر ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويندو.