اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌريءَ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٻاهران پوليس کي ڏسي گرفتاريءَ جي ڊپ کان فواد چوڌري گاڏي مان لهي ڊوڙيندي عدالت اندر ڀڄي ويو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت فواد چوڌري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس وڌيڪ ٻن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
آزاد ٿيڻ بعد فواد چوڌري ٻاهر نڪتو ۽ گاڏي ۾ ويٺو ته پوليس اهلڪار ڏسي گرفتاريءَ جي ڊپ کان گاڏيءَ مان لهي ڊوڙيندو عدالت واپس ڀڄي ويو….