موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان زرعي معيشت آهي، ٻوڏ سبب هو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، عالمي برادري کي وڌندڙ گرين هائوس گيسز کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آ هي.
آسٽريلين ورلڊ سمٽ کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته ٻوڏ دوران ملڪ جو هڪ حصو پاڻي هيٺ هو ۽ هو موسمياتي تبديلي جي گرائونڊ زيرو تي هئا.