پنجاب جي نگران حڪومت فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪاررواين جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ آرمي ٿاڪن ۽ ملڪيتن تي حملو ڪندڙ شرپسدن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا اجلاس ۾ شرپسندن خلاف ڪيسن لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي.
نگران وڏي وزير 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي دهشتگردي جي واقعن جي اصل ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ سمورن سڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطن تي زور ڀريو.
سندس چوڻ هو ته جوابدارن، سندن مددگارن ۽ ماسٽر مائينڊ تائين پهچڻ لاءِ اثرائتو مڪينزم جوڙيو وڃي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته 32 هنڌن جي جيو فينسنگ ڪري جوابدارن کي ٽريس ڪيو پيو وڃي، تصويرن ۽ وڊيوز ۾ چهرا سڃاڻڻ لاءِ نادرا کان مدد ورتي پئي وڃي.
محسن نقويءَ گرفتار ماڻهن تي الزامن جي تصديق لاءِ فول پروف طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به بيگناهه جي گرفتاري نه ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پروفيشنل طريقي سان ڪم ڪيو وڃي.
نگران وڏي وزير چيو ته سمورن شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي کي پيشيوراڻي طريقي سان اڳتي وڌايو وڃي.