وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث گناهگارن کي سزا ملندي ته ٻيهر ڪو به اهڙو واقعو نه ٿيندو، بي ڏوهيءَ کي ڪجهه نه ڪيو پويندو، جنهن ڏوهه ڪيو آهي اهو بچي نه سگهندو.
قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، ان ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جا ڪارا ترين واقعا ٿيا.
هن چيو ته جنهن گهر ۾ پاڪستان جي حفاظت تي مقرر جوان هئا، ان کي ساڙيو ويو، واقعن سبب سندن ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن، اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي.
وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن ان جي رٿابندي ڪئي، ليڊ ڪيو ۽ ڀڙڪايو ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، سمورا ڪردار ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.
شهبازشريف چيو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ميانوالي ايئر بيس جو رخ به ڪيو ويو، ايف سي اسڪول تي تباهي ڪئي وئي، ڇا 75 ورهين ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي؟ سموري صورتحال جو جائزو وٺڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته شهيدن جا مجسما ٽوڙيا ويا جيڪي گناهگار آهن انهن کي سخت سزا ملندي ته ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿيندو، جيڪو بي ڏوهي هوندو ان کي ڪجهه به نه ڪيو ويندو، ڏوهه ڪندڙ بچي نه سگهندو، وزيراعظم به حڪم ڏي ته به واقعن جي ڏوهارين کي نه ڇڏيو وڃي.
شهبازشريف چيو ته پاڪستان جو ازلي دشمن جيڪو نه ڪري سگهيو، اهو هنن ڪيو، ڌرتي جي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، حساس هنڌن تي حملن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي،