سنڌڙي ڀرسان 4 ٻارن جي ماءُ گھرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير حسن راڄڙ ۾ 35 ورھين جي پارو زال شيوجي ڪولھي گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو مڙهه ميرپور خاص اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي عورت کي 2 پٽن ۽ 2 ڌيئرن جو اولاد هو، وارثن بيان ڏنو آهي ته سندس ذهني توازن صحيح نه هو.
پوليس موجب، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.