ميهڙ ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ 8 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير سمون، نادر چانڊيو، يحيى چانڊيو، وقار ڪمانگر، شفيق ٻرڙو، عبدالوهاب، احمد ٻرڙو ۽ مسرور مهيسر کي ايف آءِ آر ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو آهي.
ھوڏانھن ساڳئي ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن ايوب کوسو، محبوب کوسو، محمد ھاشم ٻرڙو، يو سي ڪائونسلر سيد عبدالفتاح شاھ جا گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گرفتاريون کين عمران خان کان پري نٿيون ڪري سگھن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ پي ڊي ايم جي روايت بڻجي وئي آهي، ڪوڙن ڪيسن ذريعي کين هيسائي نٿو سگھجي.
واضع رهي ته 5 ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري خلاف ميھڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو هو جنهن کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ جي 4 سڃاتلن ۽ 30 کان 35 اڻڄاتلن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.